اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي غيردانشمنداڻي ۽ بي بنياد بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو، جيڪو حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ بيانن کي غلط تناظر ۾ پيش ڪرڻ جو ڀارت جو پراڻو شيوو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران فيلڊ مارشل عاصم منير سان واڳيل بيان تي ڪيل تبصرن جي جواب …
پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي غيردانشمنداڻي ۽ بي بنياد بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي غيردانشمنداڻي ۽ بي بنياد بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو، جيڪو حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ بيانن کي غلط تناظر ۾ پيش ڪرڻ جو ڀارت جو پراڻو شيوو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران فيلڊ مارشل عاصم منير سان واڳيل بيان تي ڪيل تبصرن جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي غيردانشمنداڻي ۽ بي بنياد بيانن جي سختي سان ترديد ڪري ٿو، جيڪو حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ بيانن کي غلط تناظر ۾ پيش ڪرڻ جو انهن جو پراڻو شيوو آهي، ڀارت جي دعويٰ ته پاڪستان ائٽمي هٿيارن جي ذريعي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، هڪ گمراهه ڪندڙ ۽ هٿ ٺوڪيو بيانيو آهي، پاڪستان طاقت جي استعمال يا ڌمڪين جي استعمال جي سدائين مخالفت ڪندو آيو آهي، ڀارت جو جارحاڻو رويو ۽ جنگي جنون غيرمعقول الزامن جو سبب بڻجي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي ملڪ آهي جنهن جو ٺوس ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي، سدائين کان پاڪستان انتهائي اهم معاملن ۾ نظم ۽ ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان جا دهشتگردي مخالف مسلسل ۽ قابل اعتماد قدم عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف ڍال جي حيثيت رکن ٿيون، ڀارتي پرڏيهي وزارت جا بي بنياد الزام غيرذميواراڻا ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي آهن، اسان ڌيان ڇڪرايون ٿا ته ڀارت پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ٽئين ملڪ جو غيرضروري حوالو ڏنو آهي، جيڪو نه رڳو ڀارت جي سفارتي اعتماد جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو پر ٻين ملڪن کي غيرضروري طور تي شامل ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش پڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنوني رويي جي ابتڙ پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ميمبر بڻجي ڪم ڪندو رهندو جڏهن ته ڀارت جي ڪا به جارحاڻي ڪارروائي يا پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جو فوري ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ڪنهن به ٽڪراءُ جي ذميواري مڪمل طور تي ڀارتي قيادت تي لاڳو هوندي.











