اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ڪالهه ٻارن جي صحت جي تحفظ، ماءُ کي بااختيار بنائڻ ۽ کير پيئارڻ ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ اهم گڏيل پڌرائيءَ تي صحيحيون ڪيون. اها پڌرائي ٻارن جي تحفظ ۽ کير پيئاريندڙ ماءُ جي حوصله افزائي بابت پارليامينٽيرين ايڊووڪيسي جي …
پارليامينٽ جي ميمبرن پاران ٻارن جي صحت جي تحفظ، ماءُ کي بااختيار بنائڻ ۽ کير پيئارڻ ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ اهم گڏيل پڌرائيءَ تي صحيحيون

مزید خبریں
اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ڪالهه ٻارن جي صحت جي تحفظ، ماءُ کي بااختيار بنائڻ ۽ کير پيئارڻ ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ اهم گڏيل پڌرائيءَ تي صحيحيون ڪيون. اها پڌرائي ٻارن جي تحفظ ۽ کير پيئاريندڙ ماءُ جي حوصله افزائي بابت پارليامينٽيرين ايڊووڪيسي جي موقعي تي جاري ڪئي وئي جيڪا يونيسيف ۽ وومن پارلياماني ڪاڪس جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽيري سروسز (پپس) ۾ منعقد ٿي. ان موقعي تي موجود ميمبرن ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ کي صحت ۽ ترقيءَ ۾ قومي سيڙپڪاري قرار ڏيندي ان جي واڌ ويجهه لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو. خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري جيڪا اين اي 207 مان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊي آهي، پڌرائيءَ تي صحيحيون ڪندي کير پيئارڻ ۽ ماءُ جي غذائيت کي قومي ترجيح ڏيڻ جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. پڌرائيءَ ۾ دٻي جي کير جي مارڪيٽنگ تي سخت قانون لاڳو ڪرڻ، صحت جي نظام ۾ کير پيئارڻ جي واڌ ويجهه، ماءُ لاءِ ڪم جي جاءِ تي سهولتن جي فراهمي ۽ نقصان ڏيندڙ سماجي روين جي تبديليءَ لاءِ ڪميونٽي شموليت تي زور ڀريو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر کير جي فارمولي کي ڊريپ جي دائره اختيار مان ڪڍڻ جي عمل جي مزاحمت ڪن ڇاڪاڻ ته اها غذا ناهي پر دوا آهي ۽ ان کي لازمي طور تي دوا جي طور ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته سنڌ حڪومت 2023ع ۾ کير پيئارڻ ۽ ٻارن جي غذائيت جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه جو قانون پاس ڪيو جنهن تي وڏي پيماني تي دٻاءُ آيو پر هو ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه آيا. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به ان قانون خلاف داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته جج کير پيئارڻ جي اهميت کان واقف آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ليڪٽيشن ڪانوسلرز (کير پيارڻ وارا صلاحڪار) ۽ ٿراپسٽ ڀرتي ڪيا ويندا. ڳورهارين عورتن کي مائڪرو نيوٽرينٽ سپليمينٽس فراهم ڪيا ويندا ۽ ٻار ۽ ماءُ جي صحت لاءِ کير پيئارڻ کي هٿي وٺرائڻ جون ڪوششون جاري رهنديون. يونيسيف جي نمائندي نيلي آئرن سائيڊ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سنڌ جي قانون جي طرزِ تي قانون ٺاهڻ ۽ کير پيئارڻ کي قومي ترجيح بنائڻ تي زور ڀريو. يونيسيف جي نيوٽريشن چيف اشيني گيرما ميناس چيو ته پاليسي سازي جي ان فورم ۾ خاتون اول جي موجودگي غير معمولي اهميت رکي ٿي. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نينوٽولاجي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر جمال رضا چيو ته پاڪستان کي گهٽ کير پيئارڻ جي شرح سبب هر سال تقريبن 2.8 ارب ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو جڏهن ته صرف ماءُ جي ٿڃ جي متبادل(بريسٽ ملڪ سبسٽيٽيوٽ) تي 888 ملين ڊالر خرچ ٿين ٿا. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ صرف 48.4 سيڪڙو ٻار پهرين 6 مهينا مڪمل طور کير پيئارڻ جي شرح 70 سيڪڙو ٿي وڃي ته هر سال 34 هزار ٻارن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، 28 لک ڊائريا جا ڪيسز روڪي سگهجن ٿا ۽ 5 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جا طبي خرچ بچائي سگهجن ٿا. يونيسيف جي ماهر صبا شجاع ۽ ڊاڪٽر مظهر حسين پاڪستان ۾ غذائي بحران، گهٽ کير پيئارڻ جي شرح جي صحت ۽ معيشت تي اثرن ۽ ماءُ جي کير جي متبادل کير جي نقصانن تي تفصلي پريزنٽيشن ڏني. گڏيل پڌرائيءَ ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هو کير پيئارڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قانونسازي ڪندا، موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بنائيندا، صحت جي نظام ۾ ان جي واڌ ويجهه کي شامل ڪندا ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت لاءِ پائيدار فنڊنگ فراهم ڪندا. پ پ، مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جن ۾ اڪثريت عورتن جي هئي، ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ماءُ جي کير جي متبادل کير جي جارحاڻي مارڪيٽنگ جي نقصان ڏيندڙ اثرن کان ٻارن کي بچائڻ لاءِ پارٽي وابستگي کان مٿانهون ٿي جدوجهد ڪندا.











