بهاولپور -11 آگسٽ (اي پي پي) آرمي يوٿ انگيجمينٽ پروگرام تحت بهاولپور ڊويزن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل وفد چولستان ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبن جو دورو ڪيو. وفد جي ميمبرن وڻ ڪاري وارين جاين، جديد آبپاشي نظام ۽ ماحول دوست ترقياتي منصوبن جو ويجهي کان مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين مقامي ماهرن سان منصوبن جي فني ۽ ماحولياتي منصوبن بابت تفصيلي آگاهي حاصل …
آرمي يوٿ انگيجمينٽ پروگرام تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران چولستان ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبن جو دورو

مزید خبریں
بهاولپور -11 آگسٽ (اي پي پي) آرمي يوٿ انگيجمينٽ پروگرام تحت بهاولپور ڊويزن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل وفد چولستان ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبن جو دورو ڪيو. وفد جي ميمبرن وڻ ڪاري وارين جاين، جديد آبپاشي نظام ۽ ماحول دوست ترقياتي منصوبن جو ويجهي کان مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين مقامي ماهرن سان منصوبن جي فني ۽ ماحولياتي منصوبن بابت تفصيلي آگاهي حاصل ڪئي. وفد انهن منصوبن کي پاڪستان جي سبز ۽ پائيدار مستقبل لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو. شاگردن ۽ شاگردياڻين ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته کين لساني، فڪري ۽ سائنسي لحاظ کان سکڻ جو موقعو مليو آهي جنهن سان نه رڳو انهن جي علم ۾ اضافو ٿيو آهي، پر ماحولياتي چئلينجز کي حل ڪرڻ جي باري ۾ پڻ انهن کي معلومات ملي آهي. وفد پاڪ آرمي ۽ حڪومت جي ان منصوبي ۾ ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته منصوبو شاندار قومي خدمت جو مثال آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ ورثو ثابت ٿيندو.











