اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي فضائي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي شهرين جون جانيون ضايع ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ پاڪستان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انتهائي مشڪل ۽ مصيبت جي وقت ۾ فلسطيني عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي …
پاڪستان پاران غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي فضائي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي فضائي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي شهرين جون جانيون ضايع ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ پاڪستان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انتهائي مشڪل ۽ مصيبت جي وقت ۾ فلسطيني عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس چيو ته اسرائيلي قابض فوج جو اهو ڪڌو حملو عالمي ۽ انساني حقن جي قانونن جي هڪ ٻي سنگين خلاف ورزي آهي جيڪو قابض ملڪ پاران ڪيل ڏوهن جي وسعت ۽ شدت کي واضح ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿي ته اسرائيلي ڇوٽ جي خاتمي جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻندي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسرائيل کي ان جي قدمن جو جوابده قرار ڏنو وڃي. پاڪستان فلسطين مسئلي جي لاءِ پنهنجي پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب هڪ منصفاڻي، پائيدار ۽ پرامن حل تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي قراردادن ۾ فلسطيني عوام جي حقن ۽ وقار کي برقرار رکندي هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ شامل آهي جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











