دبئي -11 آگسٽ (اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي آزادي جي 78هين سالگره جي دبئي ايڪسپو سٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان، اسلامي جهموريه پاڪستان جي امارات ۾ سفير فيصل نياز ترمذي، ڪيترن ئي سرڪاري، سفارتي شخصيتن، واپاري نمائندن ۽ پاڪستاني برادري جي اهم ماڻهن شرڪت ڪئي. دبئي ايڪسپو سٽي جي دبئي ايگزهيبيشن سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. …
دبئي ۾ پاڪستان جي يوم آزادي جي 78هين سالگره تقريب، گڏيل عرب امارات جي وزير ۽ پاڪستاني سفير سميت 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت

مزید خبریں
دبئي -11 آگسٽ (اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي آزادي جي 78هين سالگره جي دبئي ايڪسپو سٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان، اسلامي جهموريه پاڪستان جي امارات ۾ سفير فيصل نياز ترمذي، ڪيترن ئي سرڪاري، سفارتي شخصيتن، واپاري نمائندن ۽ پاڪستاني برادري جي اهم ماڻهن شرڪت ڪئي. دبئي ايڪسپو سٽي جي دبئي ايگزهيبيشن سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. اها تقريب ”ايمريٽس لو پاڪستان“ پليٽ فارم طرفان دبئي پوليس جي معاونت ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مقصد پاڪستاني برادري جي ڪاميابين ۽ خدمتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سماجي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان، تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي يوم آزادي جي تقريبن ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ڏينهن پاڪستان جي مضبوط قومي سڃاڻپ، حوصلي، عزم ۽ ڪاميابين جي علامت آهي. هن چيو ته دبئي ۾ ان ڏينهن جو جشن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان مطابق امارات ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل قدرن، ثقافتي ورثي، گڏيل احترام، امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي قائم آهن. پاڪستاني برادري جي محنت، تخليقي صلاحيت ۽ خدمتون امارات جي معاشري جو قيمتي اثاثو آهن. تقريب جي موقعي تي امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي، عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏهاڪن ۾ ٻنهي ملڪن، معيشت، ثقافت ۽ انساني ترقي سميت مختلف شعبن ۾ شاندار لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهي لاڳاپا اڳتي به ثقافتي مٽا سٽا، معاشي سهڪار ۽ فنن ذريعي وڌيڪ مستحڪم ڪيا ويندا. پروگرام ۾ پاڪستاني ورثي، موسيقي، رقص ۽ فن جي جهلڪ پيش ڪئي وئي. روايتي کاڌن ۽ دستڪاري ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ کان روشناس ڪرايو.











