لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قومي ورثي ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، اردو ٻولي اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ قومي وحدت جي علامت آهي، ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊويزن جي سمورن ادارن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، قومي …
وزيراعظم جي هدايت تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن کي هٿي وٺرائڻ ۽ بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وفاقي وزير اورنگزيب کچي

مزید خبریں
لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قومي ورثي ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، اردو ٻولي اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ قومي وحدت جي علامت آهي، ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊويزن جي سمورن ادارن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، قومي سڃاڻپ جو مظهر ادارن ۾ رائيٽ سائيزنگ نه پئي ڪئي وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن اردو سائنس بورڊ ۾ ڊجيٽل پرنٽنگ سيل جي افتتاح واري موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري، قومي ٻولي کي هٿي وٺائڻ واري ادار جو ڊائريڪٽر جنرل ، اردو سائنس بورڊ جو ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عهديدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت قومي ورثي ۽ ثقافت کي هٿي وٺائڻ ۽ بحالي کي ترجيح ڏئي رهي آهي، تاريخي ماڳن، روائيتي فنپارن، ٻولين، ۽ ثقافتي سرگرمين جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ بجيٽ، ماهر ۽ جديد سهولتن سميت سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. اهي قدم نه رڳو ملڪ جي تاريخي سڃاڻپ کي محفوظ رکڻ ۾ مددگار ٿيندا پر قومي ٻولين، سياحت ۽ معيشت کي هٿي وٺائن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جا سمورا ادارا قومي سڃاڻپ جو مظهر آهن، انهن جي ترقي ۽ مضبوطي سان نه رڳو اسان جي تهذيبي سڃاڻپ برقرا رهندي پر دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ پڻ اجاگر ٿيندي. وفاقي وزير قومي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۾ اداري جي ڪوششن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو ۽ چيو ته اردو ٻولي اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ قومي وحدت جي علامت آهي. ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سمورن ادارن کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انهن ادارن ۾ رائيٽ سائيزنگ نه پئي ڪئي پر انهن جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ رات ڏينهن ڪوششن ۾ آهيون. ان موقعي تي اردو سائنس بورڊ جي ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي اردو سائنس بورڊ جي جاري ۽ مستقبل جي اشاعتي منصوبن بابت بريفنگ پڻ ڏني ۽ ٻڌايو ته اردو سائنس بورڊ چئني صوبن، گلگت بلتستان، ۽ آزاد ڪشمير جي يونيورسٽين سان تعاون ۽ اشتراڪ جا معاهدا ڪيا آهن. وفاقي وزير اردو ٻولي ۾ سائنسي ۽ سماجي علمن کي هٿي وٺائڻ لاءِ بورڊ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي تعريف ڪئي. جنهن کان پوءِ وفاقي وزير اداري جي لائبريري، خطاطي، اشاعتي ۽ ٻين شعبن جو جائزو ورتو ۽ اردو سائنس بورڊ ۾ ڊجيٽل پرنٽنگ سيل جو افتتاح به ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اداري جي پارڪ ۾ يادگاري ٻوٽو به لڳايو.











