اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير اتاجان موولاموف ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪمانستان جهڙي برادر ملڪ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان ترڪمانستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير اتاجان موولاموف ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪمانستان جهڙي برادر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته گذريل سال دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترائي اعليٰ سطحي وزارتي دورا پڻ ٿيا. اتاجان موولاموف پاڪستان کي ترڪمانستان جو واپار ۽ سيرپڪاري جو هڪ اهم شراڪتدار ۽ ٻه طرفه عالمي واپار لاءِ هڪ اهم راهداري قرار ڏيندي ان شراڪتداري کي ترڪمانستان جي خصوصي ترجيح قرار ڏنو. ملاقات ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبه بندي ۽ سهڪار جي موقعا تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ترڪمانستان جي ناڻي ۽ معيشت واري وزير مامتگلي آستانا گلوف طرفان سير اتاجان مو ولاموف سينيٽر محمد اورنگزيب کي ترڪمانستان انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. اهو فورم وچ سيپٽمبر ۾ اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندو ۽ اها تقريب ترڪمانستان جي آزادي جي 34هين سالگره جي تقريبن سان ڳنڍيل هوندي.











