اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر چيو آهي، ته پاڪستان صرف نقشي تي موجود ملڪ ناهي پر هڪ نظريو، هڪ مشن ۽ خدا طرفان عطا ڪيل نعمت آهي، ان جي خودمختياري جو هميشه ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن لوڪ ورثه ۾ معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان منعقد تقريب کي …
پاڪستان هڪ نظريي، مشن ۽ خدا طرفان عطا ڪيل نعمت آهي، ان جي خودمختياري جو هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو: فرح ناز اڪبر

مزید خبریں
اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر چيو آهي، ته پاڪستان صرف نقشي تي موجود ملڪ ناهي پر هڪ نظريو، هڪ مشن ۽ خدا طرفان عطا ڪيل نعمت آهي، ان جي خودمختياري جو هميشه ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن لوڪ ورثه ۾ معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو قيام 27هين رمضان المبارڪ جي رات جو ٿيڻ ان جي مقدس مقصد جي نشاني آهي جيڪا ڪلمه طيب جي اصولن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ مقدس امانت آهي، اسان ان کي محفوظ رکڻ، ان جي خدمت ڪرڻ ۽ گڏجي ترقي طرف وڌڻو آهي. فرح ناز اڪبر معرڪه حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان انهن قربانين کي وساري نٿا سگهون جيڪي حق، عزت ۽ سڃاڻپ لاءِ ڏنيون ويون ته جيئن مسلمانن کي هڪ اهڙو وطن ملي سگهي جتي هو آزادي سان زندگي گذارن ۽ عبادت ڪري سگهن. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ان جي غيرمعمولي جرئت ۽ عزم تي ساراهيو ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي خدمت، قيادت ۽ نظم و ضبط قوم جو فخر ۽ اميد آهي. هن حڪومت جي تعليم خاص ڪري ٻارن جي تعليم جي عزم کي ورجائيندي چيو ته تعليم ترقي جو بنياد ۽ هڪ پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جو بنيادي ٿنڀ آهي.











