صدر پاران گلگت لينڊ سلائيڊنگ واقعي جي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت لينڊ سلائيڊنگ واقعي جي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل رضاڪارن جي پونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ان سانحي ۾ جانيون قربان ڪندڙ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته واقعي ۾ قيمتي …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت لينڊ سلائيڊنگ واقعي جي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل رضاڪارن جي پونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ان سانحي ۾ جانيون قربان ڪندڙ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي سڄي قوم سوڳوار آهي، هن زخمي رضاڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.