اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فوت ٿيندڙ رضاڪارن ۽ شهرين جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي ترجيحي بنيادن تي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي …
وزيراعظم پاران گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فوت ٿيندڙ رضاڪارن ۽ شهرين جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي ترجيحي بنيادن تي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي خاطر جانيون قربان ڪندڙ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن زخمي رضاڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











