پاڪستان عدل، برابري ۽ رواداري جي اصولن تي قائم ٿيو، انهن ئي بنيادن تي هميشه قائم رهندو: محسن نقوي

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته پاڪستان دين اسلام جي سونهري اصولن عدل، برابري ۽ رواداري تي قائم ٿيو ۽ انهن ئي بنيادن تي هميشه قائم رهندو، پاڪستان اقليتن جي جان ۽ مال، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي کي آئيني زميواري ئي نه، رياستي سڃاڻپ به سمجهي ٿو. پاڪستان ۾ رهندڙ هر شهري پوءِ هو ڪهڙي به مذهب سان …

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته پاڪستان دين اسلام جي سونهري اصولن عدل، برابري ۽ رواداري تي قائم ٿيو ۽ انهن ئي بنيادن تي هميشه قائم رهندو، پاڪستان اقليتن جي جان ۽ مال، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي کي آئيني زميواري ئي نه، رياستي سڃاڻپ به سمجهي ٿو. پاڪستان ۾ رهندڙ هر شهري پوءِ هو ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندو هجي، برابر جو پاڪستاني آهي، اقليتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته دين اسلام ظلم کان منع، عقيدي جي آزادي ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏئي ٿو ۽ اها ئي تعليم اقليتن جي تحفظ جو بنياد آهي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع جي خطاب ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان جو هر شخص برابري جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو آئين اقليتن جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، محسن نقوي چيو ته پاڪستان جون سموريون اقليتون، عزت، برابري ۽ شراڪت سان قومي ترقي ۾ شريڪ ۽ فخر لائق ساٿي آهن. اقليتن تعليم، صحت، دفاع، سياست سميت هر شعبي ۾ مثالي خدمتون انجام ڏنيون آهن، جيڪي ساراهه جوڳيون آهن. اقليتن جو ڪردار پاڪستان جي قومي ورثي جو سونهري باب آهي، حب الوطني، خدمت ۽ ڪردار ئي قومي سڃاڻپ جا معيار آهن، پاڪستان ۽ پاڪستاني اڻبرابري جا حامي ناهن. هن چيو ته رياست هميشه اقليتن جي جان ۽ مال ۽ مقدس هنڌن جي حفاظت کي پهرين ترجيح ڏئي ٿي، عبادتگاهن جي آرائش هجي يا تقريبن جي سيڪيورٽي، رياست پنهنجي ذميواري ادا ڪري ٿي. هن چيو ته جنگي حالتن ۾ به ڪرتارپور راهداري ۽ ننڪانه صاحب کي کليل ۽ محفوظ رکڻ، پاڪستان جي امن، محبت ۽ بين المذهب هم آهنگي جو عملي ثبوت آهي، پاڪستان اقليتن کي سندن پورا حق ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته هو رياست جي برابر جا وارث آهن. اسان جي پاليسي، نيت ۽ عمل هڪ آهن، اقليتن جي تحفظ، آزادي ۽ شراڪتداري تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. اقليتن کي قومي ڏينهن تي بحيثيت قوم اقليتن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا.