ملڪي ترقي ۾ مسيحي، هندو، سک، پارسي ۽ ڪيلاش برادري جو فراموش نه ڪرڻ جهڙو ڪردار رهيو آهي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ملڪي ترقي ۾ مسيحي، هندو، سک، پارسي ۽ ڪيلاش برادري جو فراموش نه ڪرڻ جهڙو ڪردار رهيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبلي کي تاريخي خطاب ۾ ملڪ جي سمورن شهرين جي مذهبي آزادي، برابر حقن ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو هو.  ريلوي جا اقليتي ملازم ملڪ جي …

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ملڪي ترقي ۾ مسيحي، هندو، سک، پارسي ۽ ڪيلاش برادري جو فراموش نه ڪرڻ جهڙو ڪردار رهيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبلي کي تاريخي خطاب ۾ ملڪ جي سمورن شهرين جي مذهبي آزادي، برابر حقن ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو هو.  ريلوي جا اقليتي ملازم ملڪ جي خدمت جو روشن باب آهن. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي  جاري ڪيل پيغام ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي برابر جا حق ۽ مڪمل تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته بين المذهبي هم آهنگي ئي قومي يڪجهتي جي ضمانت آهي.  پاڪستان جي حڪومت اقليتي برادري جي نوجوانن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي اصل طاقت مختلف مذهبن وچ ۾ اتحاد آهي، هن چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي آئين جي روح ۽ قائداعظم جي خواب جي ياد ڏياري ٿو، حڪومت اقليتي ملازمن لاءِ تربيت، ترقي ۽ فلاحي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريلوي ۾ اقليتي ملازم ملڪ جي خدمت جو روشن باب آهن، پاڪستان ريلوي ۾ سڀني کي هڪجهڙي عزت، موقعا ۽ تحفظ حاصل آهي.