اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ اقليتن جو قومي ڏينهن سومر 11 آگسٽ تي ملهايو ويو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جي منظوري 11 آگسٽ 1947ع ۾ آئين ساز اسيمبلي ۾ ڏيندي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيغام کي اجاگر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ پاڪستانين کي مڪمل آزادي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو هو ته پاڪستان …
سڄي ملڪ ۾ اقليتن جو قومي ڏينهن گذريل ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ اقليتن جو قومي ڏينهن سومر 11 آگسٽ تي ملهايو ويو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جي منظوري 11 آگسٽ 1947ع ۾ آئين ساز اسيمبلي ۾ ڏيندي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيغام کي اجاگر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ پاڪستانين کي مڪمل آزادي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو هو ته پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن ۽ رياست کي ڪنهن جي مذهب سان ڪو به سروڪار نه هوندو. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي رياست پاران اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويندو آهي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق ۽ آزادي حاصل آهي، اقليتي نمائنده قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر آهن ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. اقليتن جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي ادارن سميت مختلف فلاحي ادارن جي انتظام هيٺ سيمينار، واڪس ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا.











