يوم آزادي جي موقعي تي گلوڪار جواد احمد جو نئون ملي نغمو جاري

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي مشهور گلوڪار جواد احمد پنهنجو نئون ملي نغمو جاري ڪيو آهي. نغمي جا ٻول ”پاڪ سر زمين شادباد قومي تراني جي پهرين سٽ مان ورتل آهن.“ ملي نغمو پاڪستاني قوم کي هڪ پرعزم، بهادر ۽ محنتي قوم طور پيش ڪري ٿو ۽ قوم جي خوبصورتي، جوش ۽ جذبي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ملي نغمي …

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي مشهور گلوڪار جواد احمد پنهنجو نئون ملي نغمو جاري ڪيو آهي. نغمي جا ٻول ”پاڪ سر زمين شادباد قومي تراني جي پهرين سٽ مان ورتل آهن.“ ملي نغمو پاڪستاني قوم کي هڪ پرعزم، بهادر ۽ محنتي قوم طور پيش ڪري ٿو ۽ قوم جي خوبصورتي، جوش ۽ جذبي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ملي نغمي ۾ معرڪه حق ۾ حاصل ٿيل شاندار ڪاميابي کي قومي اتحاد جو روشن ثبوت قرار ڏنو ويو آهي. نغمي جي هر مصرعي ۾ حب الوطني ۽ قوم  پرستي جا جذبا نمايان آهن. ملي نغمو اتحاد، عزم ۽ پاڪ سر زمين سان محبت جي پيغام وارو آهي. جيڪو هر پاڪستاني جي دل ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو.