ترڪيه ۾ 6.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ، هڪ شخص فوت، ڪيترائي زخمي

انقره -11 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي صوبي باليڪ ايسير ضلعي سندرگي ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه ڊزاسٽرمينجمينٽ ايجنسي چيو آهي ته گذريل شام ضلع سندرگي ۾ 6.1 جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا استنبول ۽ ازمير جي سياحتي هنڌ سميت ملڪ جي اولهه …

انقره -11 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي صوبي باليڪ ايسير ضلعي سندرگي ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه ڊزاسٽرمينجمينٽ ايجنسي چيو آهي ته گذريل شام ضلع سندرگي ۾ 6.1 جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا استنبول ۽ ازمير جي سياحتي هنڌ سميت ملڪ جي اولهه ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز باليڪ ايسير جي ضلع سندرگي ۾ هو. زلزلي سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته 29 زخمي ٿي پيا، زلزلي سبب سندرگي ۽ ان جي آسپاس 16 عمارتون به ڊهي ويون جن مان 4 آباد هيون.