پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن هميشه ملڪي استحڪام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، قومي معاملن ۾ اقليتن جي شموليت اسان جي جمهوري روايتن جو روشن رخ آهي. اهڙو اظهار هن اقليتن جي قومي ڏينهن …

اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن هميشه ملڪي استحڪام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، قومي معاملن ۾ اقليتن جي شموليت اسان جي جمهوري روايتن جو روشن رخ آهي. اهڙو اظهار هن اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 11 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 11 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان تاريخي خطاب جي ياد ڏياري ٿو جيڪو هن 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبلي کي ڪيو. ان خطاب ۾ هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا شهري، توڙي جو انهن جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا نسل سان هجي، برابر حق رکن ٿا ۽ پنهنجي مذهبي عبادتن ۽ رسمن موجب مڪمل آزادي سان زندگي گذاري سگهن ٿا. هن پارليامينٽ ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ نمائندن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ اقليتي نمائندن جي شموليت پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ جي عڪاسي آهي. هن چيو ته اقليتي پارليامينٽ جا ميمبر قانونسازي ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي شعبن ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته موجوده پارليامينٽ قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي سندن مذهب ۽ عقيدي موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مضبوط پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو رواداري، هم آهنگي ۽ اتحاد کي اختيار ڪن.