اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۾ تازو ئي آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ طئي ٿيل هن تاريخي امن معاهدي تي صدر عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام کي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوستاڻي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف …
وزيراعظم جي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۾ تازو ئي آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ طئي ٿيل هن تاريخي امن معاهدي تي صدر عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام کي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوستاڻي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ٽن ڏهاڪن کان هلندڙ پراڻي تڪرار کي پرامن طور منطقي انجام تائين پهچائڻ ۽ قفقاز جي علائقي لاءِ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ڪرڻ ۾ صدر الهام عليوف جي بصيرت انگيز ڪردار جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم ان تاريخي معاهدي کي منطقي بڻائڻ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪردار کي خاص طور ساراهيو.وزيراعظم هاڻوڪي پاڪ ڀارت جنگ ختم ڪرائڻ ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مثبت ڪردار جو به ذڪر ڪيو، امن پسند طور ان جي عالمي ڪردار کي ساراهيو. صدر عليوف ڪاراباخ جي معاملي تي آذربائيجان سان پاڪستان جي پراڻي ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ان بنيادي مسئلي تي پنهنجي آذربائيجاني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته صدر عليوف جي جرئتمنداڻي ۽ مدبراڻي قيادت ۾ هن خطي ۾ آخرڪار امن قائم ٿي ويو. صدر عليوف وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ٿورو مڃيندي چيو ته خطي ۾ پرامن ماحول سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ترقي ۽ رابطا وڌائڻ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو. لاچن ۽ خانڪنڊي ۾ هاڻوڪي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عليوف کي جلد ئي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي تيانجن ۾ ملاقات به متوقع آهي.











