وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊاڪٽر رٿ فائو کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر رٿ فائو  جي ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي زندگي جي هر گهڙي پاڪستان جي غريب ۽ محروم طبقن جي خدمت ۾ گذاري. هن ايثار واري جذبي، بي لوث محبت ۽ خلق جي خدمت جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو.  وزير اعظم آفيس جي …

اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر رٿ فائو  جي ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي زندگي جي هر گهڙي پاڪستان جي غريب ۽ محروم طبقن جي خدمت ۾ گذاري. هن ايثار واري جذبي، بي لوث محبت ۽ خلق جي خدمت جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو.  وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته  ڪوڙهه جي مريضن جي علاج ۽ کين معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر رٿ فائو جي اڻٿڪ ڪوششون اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهن، قوم سندس خدمتن کي هميشه فخر سان ياد رکندي، ڊاڪٽر رٿ فائو جو مشن اسان لاءِ خدمت، همدردي ۽ انسانيت جو پيغام آهي.