چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون آمريڪا جي سينئر سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

ٽمپا (آمريڪا) -10 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سينئر سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتن دوران  ٻه طرفه پيشيواراڻي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران آمريڪا جي سينئر سياسي ۽ عسڪري قيادت سان گڏوگڏ پرڏيهه ۾ رهندڙ …

ٽمپا (آمريڪا) -10 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سينئر سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتن دوران  ٻه طرفه پيشيواراڻي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران آمريڪا جي سينئر سياسي ۽ عسڪري قيادت سان گڏوگڏ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان ڳالهيون ڪيون. ٽمپا ۾ فيلڊ مارشل عهدو ڇڏيندڙ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي عهدو ڇڏيندڙ ڪمانڊر (سينٽ ڪام) جنرل مائيڪل اي ڪوريلا جي رٽائرمينٽ واري تقريب ۽ ايڊمرل بريڊ ڪوپر جي ڪمان سنڀالڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل ڪوريلا جي مثالي قيادت ۽ ٻه طرفه فوجي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس مثالي شراڪتداري جي تعريف ڪئي ۽ گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل سهڪار تي اعتماد جو اظهار ڪندي، ايڊمرل ڪوپر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان موقعي تي آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل پيشيواراڻي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هن جنرل ڪين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي آرمي چيف دوست ملڪن جي دفاعي سربراهن سان پڻ ڳالهيون ڪيون. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان گڏيل ڳالهين دوران فوج جي سربراهه سندن مٿان زور ڀريو ته هو پاڪستان جي روشن مستقبل ۾ اعتماد رکن ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ترغيب ڏيڻ ۾ فعال طور حصو وجهن. پرڏيهه ۾رهندر پاڪستانين ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.