ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-10 آگسٽ(اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 93 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 93 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 29 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 29 هزار 900 …

اسلام آباد-10 آگسٽ(اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 93 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 93 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 29 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 29 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 87 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 87 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 58 هزار 400 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1546.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.498 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1205.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.626 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.258 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.