اسلام آباد-09 آگسٽ(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس دوران پرڏيهي وزارت ۾ سال 2024ع ۾ متعارف ڪرايل قدمن جو جائزو ورتو ويو. ان دوران پرڏيهي وزير جي رهنمائي ۾ پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز ۾ ويزا جي عمل ۾ سڌارن کي متعارف ڪرايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق جائزه اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، پرڏيهي وزارت ۾ سال 2024ع دوران متعارف ڪرايل قدمن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آگسٽ(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس دوران پرڏيهي وزارت ۾ سال 2024ع ۾ متعارف ڪرايل قدمن جو جائزو ورتو ويو. ان دوران پرڏيهي وزير جي رهنمائي ۾ پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز ۾ ويزا جي عمل ۾ سڌارن کي متعارف ڪرايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق جائزه اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خصوصي طور پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين سميت سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري لاءِ ويزا جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ، شفافيت کي هٿي ڏيڻ، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ تيز تر ويزا جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي هدايت ڪئي.











