وزيراعظم سان سعودي سفير جي ملاقات، وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فورم ۾ شرڪت لاءِ دعوت قبول ڪري ورتي

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد ٿيندڙ نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو فورم ۾ شرڪت لاءِ  دعوت قبول ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سعودي سفير وزيراعظم کي 30-27 آڪٽوبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ نائين فيوچر انويسٽمينٽ …

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد ٿيندڙ نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو فورم ۾ شرڪت لاءِ  دعوت قبول ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سعودي سفير وزيراعظم کي 30-27 آڪٽوبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو فورم ۾ شرڪت لاءِ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طرفان صحيح ٿيل دعوت نامو پيش ڪيو. ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم دعوت نامو موڪلڻ تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو دلي ٿورو مڃيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران خطي جي تازي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ڊاڪٽر توقير شاهه به موجود هئا.