اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن دوران زوب ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ پاڪ - افغان بارڊر تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جي 47 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. …
وزيراعظم پاران ٻن ڏينهن اندر پاڪ افغان سرحد تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جي 47 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن دوران زوب ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ پاڪ – افغان بارڊر تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جي 47 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان پنهنجون قيمتي حياتيون قربان ڪندي دهشتگردن جي مداخلت کي ناڪام بڻايو ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.











