اسلام آباد -09 آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر شاگردن سان خصوصي ويهڪ منعقد ڪئي. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته سوالن جوابن جي خاص ويهڪ به منعقد ڪئي وئي. شاگردن سيشن ۾ قومي جذبي جو اظهار پڻ ڪيو . شاگردن پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي جذبن جو اظهار …
راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر جي شاگردن سان خصوصي ويهڪ، نوجوانن پاران پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -09 آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر شاگردن سان خصوصي ويهڪ منعقد ڪئي. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته سوالن جوابن جي خاص ويهڪ به منعقد ڪئي وئي. شاگردن سيشن ۾ قومي جذبي جو اظهار پڻ ڪيو . شاگردن پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون ويهڪون منعقد ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهن. هنن چيو ته وطن جا دشمن جيتري به ڪوشش ڪن، پوءِ به نوجوان نسل کي پاڪ فوج کان پري نٿا ڪري سگهن. پاڪ فوج اسان مان آهي ۽ اسين پاڪ فوج مان آهيون. شاگردن چيو ته پاڪستان طرف ڏسندڙ هر ميري اک خلاف اسان پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.











