اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ – افغان سرحد ويجهو سمبازه ۾ فتنه الهندستان جي وڌيڪ 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين کي …
وفاقي گهرو وزير پاران پاڪ افغان سرحد ويجهو فتنه الهندستان جي 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ – افغان سرحد ويجهو سمبازه ۾ فتنه الهندستان جي وڌيڪ 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ فتنو پکيڙڻ ۾ ملوث ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ۽ وقت سر ڪارروايون ڪري ٻن ڏينهن اندر 47 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز فوري ايڪشن کڻندي بلوچستان ۾ امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته اسان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.











