راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان – تاجڪستان جي گڏيل دهشتگردي ٽوڙ مشق دوستي 2 فخر وبود بيس تاجڪستان ۾ 4 کان 9 آگسٽ تائين منعقد ڪئي وئي، مشق ۾ پاڪستان آرمي جي لائٽ ڪمانڊو بٽالين مان 2 ويڙهاڪ (ڪمبيٽ) ٽيمن ۽ تاجڪستان اسپيشل فورسز جي 4 ويڙهاڪ (ڪمبيٽ) ٽيمن حصو ورتو. سمورا تربيتي ۽ فوجي سفارتڪاري جا مقصد ڪاميابي سان حاصل ڪيا ويا. مشق 9 آگسٽ تي پڄاڻي تي …
پاڪستان – تاجڪستان جي گڏيل دهشتگردي ٽوڙ مشق دوستي 2 پڄاڻي تي پهتي

مزید خبریں
راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان – تاجڪستان جي گڏيل دهشتگردي ٽوڙ مشق دوستي 2 فخر وبود بيس تاجڪستان ۾ 4 کان 9 آگسٽ تائين منعقد ڪئي وئي، مشق ۾ پاڪستان آرمي جي لائٽ ڪمانڊو بٽالين مان 2 ويڙهاڪ (ڪمبيٽ) ٽيمن ۽ تاجڪستان اسپيشل فورسز جي 4 ويڙهاڪ (ڪمبيٽ) ٽيمن حصو ورتو. سمورا تربيتي ۽ فوجي سفارتڪاري جا مقصد ڪاميابي سان حاصل ڪيا ويا. مشق 9 آگسٽ تي پڄاڻي تي پهتي. پاڪستان طرفان ڊي اي (پي) تاجڪستان ڪرنل محمد معظم ظفر خاص مهمان طور تقريب ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته تاجڪستان جون اعليٰ فوجي اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون. ٻنهي ملڪن جي جوانن مشق دوران اعليٰ ترين پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. دوستي 2 مشق جو مقصد ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي عسڪري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل تربيت ذريعي دهشتگردي ٽوڙ ڪاررواين ۾ شامل مشقن، طريقيڪار ۽ فني ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ هو.











