پاڪستان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪندو

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسورس ڊولپمينيٽ (او پي اينڊ ايڇ آر ڊي) واري وزارت جي ذيلي اداري ۽ اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن (او اي سي) چيو آهي ته هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪويت کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪئي پئي وڃي. اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن جي عملدارن گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي سازگار ۽ نتيجن وارين پاليسين سبب عالمي …

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسورس ڊولپمينيٽ (او پي اينڊ ايڇ آر ڊي) واري وزارت جي ذيلي اداري ۽ اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن (او اي سي) چيو آهي ته هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪويت کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪئي پئي وڃي. اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن جي عملدارن گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي سازگار ۽ نتيجن وارين پاليسين سبب عالمي ليبر مارڪيٽ ۾ پاڪستاني پورهيتن جي گهرج ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪويت لاءِ اهڙي افرادي قوت جي چونڊ ڪئي ويندي جيڪا هيٺ ڏنل مقرر قابليت ۽ تجربي تي پورو لهندي. هن ٻڌايو ته گودام سپروائيزر لاءِ وڌ کان وڌ عمر 35 سال، تعليم ڊپلومه يا بيچلر ڊگري، مواصلات انگريزي (پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ) ضروري آهي، عربي ٻولي جو اضافي فائدو آهي. ڪسٽمر سروس جي بهترين مهارتن ۽ لاجسٽڪ ڪمپنين ۾ 3 کان 5 سالن جي گودام جو تجربو يا نار ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو گهربل هوندو. هن چيو ته نوڪرين ۾ گودام ڪوآرڊينيٽر، گودام مين ۽ ٻيون نوڪريون شامل آهن، ان حوالي سان دستاويز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.