واشنگٽن-09 آگسٽ(اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا جو فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي، هو اهو معاملو اڄ برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊليمي سان ملاقات ۾ بحث هيٺ آڻيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جي ڊي وينس صحافين کي ٻڌايو ته اسان وٽ فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، فعال حڪومت بنان اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته تسليم ڪرڻ …
فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن-09 آگسٽ(اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا جو فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي، هو اهو معاملو اڄ برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊليمي سان ملاقات ۾ بحث هيٺ آڻيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جي ڊي وينس صحافين کي ٻڌايو ته اسان وٽ فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، فعال حڪومت بنان اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته تسليم ڪرڻ جو مطلب ڇا ٿيندو. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر ۾ پنهنجي هدف ۽ ترجيحن جي باري ۾ انتهائي واضح آهي ۽ هو هن تي عمل جاري رکندا.











