سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ 33 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي-08 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ 33 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي هڪ وڏي گروهه جي چُرپر جو پتو لڳايو، جيڪي پاڪ- افغان سرحد جي رستي مداخلت …

راولپنڊي-08 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ 33 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي هڪ وڏي گروهه جي چُرپر جو پتو لڳايو، جيڪي پاڪ- افغان سرحد جي رستي مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پاڪ فوج جي جوانن جرئتمنداڻي ۽ مؤثر طريقي سان سندن مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بنايو ۽ 33 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گوله بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ موجود ٻين خوارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي بچاءُ ۽ ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.