وزيراعظم پاران اسرائيلي ڪابينا پاران غزه شهر جو غيرقانوني ۽ ناجائز ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري جي شديد مذمت

اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيلي ڪابينا پاران غزه شهر جو غيرقانوني ۽ ناجائز ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو فلسطيني عوام جي خلاف اڳ کان جاري تباهي آڻيندڙ جنگ ۾ خطرناڪ اضافي جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته فوجي ڪاررواين جي اها توسيع اڳ …

اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيلي ڪابينا پاران غزه شهر جو غيرقانوني ۽ ناجائز ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو فلسطيني عوام جي خلاف اڳ کان جاري تباهي آڻيندڙ جنگ ۾ خطرناڪ اضافي جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته فوجي ڪاررواين جي اها توسيع اڳ کان موجود انساني بحران کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندي ۽ خطي ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته اسان کي ان جاري الميي جي اصل سببن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، فلسطيني سرزمين تي اسرائيل جو ڊگهو، غيرقانوني قبضو جيستائين برقرار رهندو امن هڪ خواب ئي رهندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب جائز حقن، انهن جي خودمختياري جي حق ۽ فلسطين جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. وزيراعظم عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل جي بنا جواز جارحيت کي فوري طور تي روڪڻ، بيگناهه شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري مداخلت ڪري.