پاڪستان سميت اُسرندڙ ملڪن لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن ۾ رسائي، صلاحيت ۽ پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ اڻٽر آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان سميت اُسرندڙ ملڪن لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن ۾ رسائي، صلاحيت ۽ پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ اڻٽر آهي. عالمي معاهدن تي مؤقف طئي ڪرڻ وقت ملڪن جي سماجي، معاشي حقيقتن ۽ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان ڪالهه …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان سميت اُسرندڙ ملڪن لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن ۾ رسائي، صلاحيت ۽ پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ اڻٽر آهي. عالمي معاهدن تي مؤقف طئي ڪرڻ وقت ملڪن جي سماجي، معاشي حقيقتن ۽ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان ڪالهه جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌُرين ماحولياتي سهڪار جي عمل، سيڙپڪاريءَ جي امڪانن ۽ آئينده عالمي سرگرمين خاص ڪري پلاسٽڪ گدلاڻ بابت عالمي قانوني طور پابند معاهدن جي تياريءَ لاءِ بين الحڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي پنجين اجلاس جي ٻئي مرحلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو ايندڙ هفتي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿي رهيو آهي. ملاقات دوران وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان سميت اُسرندڙ ملڪن لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن ۾ رسائي، صلاحيت ۽ پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته عالمي معاهدن تي مؤقف طئي ڪرڻ وقت ملڪن جي سماجي، معاشي حقيقتن ۽ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. وفاقي وزير ان عزم کي ورجايو ته حڪومت ۽ ان جي نمائندن بنيادي ذميداري، عوام جي حقن، روزگار ۽ فلاح بهبود جو تحفظ آهي. هن قطري سفير کي پاڪستان حڪومت جي تجويز ڪيل گرين اسٽارٽ اپس انيشيئٽو جي باري ۾ به آگاهه ڪيو جيڪو وزيراعظم جي پائيدار ترقي، سبز انقلاب جي ويزن تحت جوڙيو پيو وڃي. پروگرام تحت نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي ماحولياتي لحاظ کان مناسب منصوبا شروع ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي ويندي. کين عالمي سيڙپڪارن سان ڳنڍيو ويندو ۽ نوجوانن کي ملڪي معيشت ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ان منصوبي جي عالمي سطح تائين رسائيءَ لاءِ عالمي تنظيمن ۽ پرڏيهي حڪومتن سان  مشاورت جاري آهي. ان موقعي تي قطري سفير فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع دوران پاڪستان جي سيڪيورٽي معاونت کي ساراهيو ۽ـ چيو ته پاڪستان قطري عوام جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن ماحولياتي قدمن، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ڌُرين ماحولياتي پائيداري، اقتصادي حصيداري ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري سيڪريٽري عائشه حميرا ۽ پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي معاملن لاءِ خصوصي سيڪريٽري نبيل منير به موجود هئا.