اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ علامه اقبال جي 150هين سالگره جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته عظيم مفڪر علامه اقبال جي 150هين سالگره ڀرپور طريقي …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ اجلاس، علامه اقبال جي 150هين سالگره جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ علامه اقبال جي 150هين سالگره جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته عظيم مفڪر علامه اقبال جي 150هين سالگره ڀرپور طريقي سان قومي ۽ـ عالمي سطح تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي مختلف پروگرامز، عالمي ڪانفرنسون، سيمينارز ۽ـ ثقافتي علم تقريبون منعقد ٿينديون جنهن ۾ اقبال جي فڪر، فلسفي ۽ شاعريءَ کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. احسن اقبال چيو ته اقبال جي فڪر کي قومي ترقيءَ سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اقبال جو پيغام آفاقي آهي جيڪو پوري دنيا لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. وفاقي وزير چيو ته عظيم مفڪر هڪ آزاد رياست جو خواب ڏٺو ۽ـ مسلمانن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي زندهه رکيو. اقبال جو ڪلام نؤ آبادياتي دؤر ۾ حريت جو ڏيئو هو جنهن نظرياتي بنيادن تي قومي شعور بيدار ڪيو. اقبال جو نظريو اڄ به پائيدار ترقي ۽ قومي يڪجهتيءَ لاءِ رهنما اصول آهن. هن چيو ته نوجوان نسل کي اقبال جي فڪر سان جوڙڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي فڪر انهن لاءِ نور جو مينار آهي. احسن اقبال ٻُڌايو ته اُڏام پاڪستان پروگرام ۾ به اقبال جي شاهين جو حوالو شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن نوجوانن ۾ خودي، خود اعتمادي ۽ـ بلند حوصلن کي هٿي ڏئي سگهجي. هن زور ڀريو ته اقبال جي فڪر کي عام ڪري اسان فڪري ڏڦيڙ ۽ گمراهيءَ کان بچي سگهون ٿا. اقبال جو پيغام صرف برصغير تائين محدود ناهي پر ان کي عالمي سطح تي پُٺڀرائي حاصل آهي. ترڪي، ايران ۽ ٻين مسلم ملڪن ۾ اقبال کي شاعرِ اُمت سمجهيو وڃي ٿو. احسن اقبال ان موقعي تي تجويز ڏني ته اقبال جي زندگيءَ تي هڪ عالمي معيار جو ڊرامو بنايو وڃي ته جيئن نئين نسل کي ان جي فڪر سان بهتر انداز ۾ روشناس ڪرائي سگهجي. ايران پاڪستان سان گڏجي علامه اقبال تي گڏيل فلم ٺاهڻ جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته علامه اقبال جي 150هين سالگره جي تقريبن جي شروعات 9 نومبر 2026ع ۽ پڄاڻي 9 نومبر 2027ع تي ڪئي ويندي. ان دوران قومي ۽ عالمي سطح تي عالمي ڪانفرنسن ۽ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. وفاقي وزير سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي علامه اقبال جي سالگره کي هڪ فڪري تهذيبي تحريڪ طور ملهائڻ جي تياري ڪن ته جيئن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ علمي چهرو اجاگر ٿي سگهي.











