واشنگٽن-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيرف جي تڪرار جي حل تائين ڀارت سان واپاري ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وائيٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافين، صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سوال ڪيو ته ڇا ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڀارت سان واپاري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي اميد رکو ٿا، جنهن جو جواب آمريڪي …
صدر ٽرمپ پاران ڀارت سان واپاري ڳالهين جو امڪان رد

مزید خبریں
واشنگٽن-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيرف جي تڪرار جي حل تائين ڀارت سان واپاري ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وائيٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافين، صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سوال ڪيو ته ڇا ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڀارت سان واپاري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي اميد رکو ٿا، جنهن جو جواب آمريڪي صدر انڪار ۾ ڏنو. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان واپاري ڳالهيون نه ٿينديون. هن چيو ته جيستائين اسان ان کي حل نٿا ڪريون. ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگهن. واضح رهي ته وائيٽ هائوس گذريل ڏينهن هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي روس کان تيل وٺڻ تي ڀارتي شين تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ڀارت تي لاڳو ڪيل مجموعي آمريڪي ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي ويو آهي. آمريڪي عملدارن موجب شروعاتي 25 سيڪڙو ٽيرف 7 آگسٽ کان لاڳو ٿي ويو، جڏهن ته واڌو 25 سيڪڙو ٽيرف ٽن هفتن کانپوءِ لاڳو ٿيندو.











