صدر پاران 33 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 33 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي جرئت، مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي فخر جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر …

اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 33 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي جرئت، مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي فخر جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، جنهن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني سرزمين تي دراندازي جي هر ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. صدر چيو ته پاڪستان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو خاتمو آڻيندو، پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي.