وزيراعظم پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ پاڪ – افغان سرحد تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي روڪڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪارروائي ۾ 33 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي …

اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ پاڪ – افغان سرحد تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي روڪڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪارروائي ۾ 33 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جوانن پنهنجي جان تي کيڏي دهشتگردن جي دراندازي ناڪام بڻائي ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.