اي اين ايف پاڪستان ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ 263 يونيورسٽين ۾ 269 آپريشن ڪيا

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اي اين ايف پاڪستان ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ 263 يونيورسٽين ۾ 269 آپريشن ڪيا، انهن آپريشنز دوران هڪ هزار 427 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 426 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، وزيراعظم جي هدايتن تي منشيات جي استعمال بابت تازن انگن اکرن جي حوالي سان سروي جاري آهي جيڪا 2026ع ۾ مڪمل ٿيندي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اي اين ايف پاڪستان ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ 263 يونيورسٽين ۾ 269 آپريشن ڪيا، انهن آپريشنز دوران هڪ هزار 427 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 426 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، وزيراعظم جي هدايتن تي منشيات جي استعمال بابت تازن انگن اکرن جي حوالي سان سروي جاري آهي جيڪا 2026ع ۾ مڪمل ٿيندي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو ته يونيورسٽين  ۽ ڪاليجن ۾ منشيات جي فراهمي ۽ استعمال جي باري ۾ ڀروسي جوڳي تازي معلومات محدود آهي، ملڪ ۾ منشيات جي استعمال بابت ڪا مستند ڊيٽا دستياب ناهي. ملڪ ۾ منشيات جي استعمال بابت آخري سروي 12 سال اڳ ڪئي وئي هئي، 12 سال اڳ ڪيل ان سروي ۾ تعليمي ادارن کي شامل ئي نه ڪيو ويو هو. وزيراعظم منشيات جي استعمال جي حوالي سان سروي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سروي پاڪستان جو سرڪاري انگن اکرن وارو ادارو ڪري رهيو آهي، جيڪا سروي 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. سروي جي سوالنامي ۾ تعليمي ادارن اندر منشيات جي استعمال بابت لاڙي جو جائزو ورتو ويندو، سروي تعليمي ادارن ۾ منشيات بابت جامع ۽ مستند معلومات فراهم ڪندي جنهن سان درست ڊرگ انفارميشن پڪچر ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ملندي. تعليمي ادارن ۾ منشيات جي رسد ۽ استعمال ۾ اضافي بابت سموريون دعوائون تصديق ٿيل ناهن. تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي روڪڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، وزيراعظم آفيس ۽ جي ايڇ ڪيو جي هدايت تي اي اين ايف تعليمي ادارن کي هدف بڻائي منشيات جي خاتمي واري مهم منعقد ڪري رهيو آهي. اي اين ايف پاڪستان ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ 263 يونيورسٽين ۾ 269 آپريشن ڪيا، جن دوران 1427 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 426 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا.