ڪاٺ جا واپاري ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ڪاٺ جا واپاري ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، حڪومت ان شعبي کي درپيش واپاري مسئلن جي حل لاءِ سهڪار ڪندي. جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان ٽمبر ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن جي اڳواڻي چيئرمين محمد شرجيل گوپلاڻي ڪئي. وفد وفاقي وزير …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ڪاٺ جا واپاري ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، حڪومت ان شعبي کي درپيش واپاري مسئلن جي حل لاءِ سهڪار ڪندي. جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان ٽمبر ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن جي اڳواڻي چيئرمين محمد شرجيل گوپلاڻي ڪئي. وفد وفاقي وزير کي واپار ۾ درپيش اهم مسئلن کان آگاهه ڪيو .ڄام ڪمال خان مسئلن جو نوٽيس وٺندي وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت واپارين جي سمورن جائز مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي معاملن کي فوري طور تي حل ڪن. وفاقي وزير ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اها اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ذميواري آهي جنهن کي اسان کي ادا ڪرڻو پوندو. هن ايسوسيئشنز تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي حڪمت عملي ۾ ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ کي شامل ڪن. وفاقي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته بلوچستان جي مختلف علائقن خاص ڪري ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ۽ غير زرعي زمينن ۾ سروي ڪرائين ته جيئن اتي وڻڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهجي. هن ڪجهه اهڙن علائقن جي پڻ نشاندهي ڪئي جتي وڏي ايراضي استعمال هيٺ ناهي ۽ اتي نارنگي، بيد مشڪ،  ۽ سبابل (سبروس) جهڙن تيزي سان وڌندڙ ٻوٽن کي لڳائي سگهجي ٿو، ان موقعي تي وفد چيو ته ڪاٺ جيتُوڻيڪ ضروري شيءَ آهي پر ان تي ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو نٿي ٿئي، جيڪا تعميراتي ۽ فرنيچر انڊسٽري لاءِ اهم سهولت آهي.