اسلام آباد - 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران روانگي واپار جي گذريل سال جو هدف 3.8 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ کي ساراهيندي ايندڙ سالن جي سالياني هدفن ۽ گهربل قدمن تي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اين آءِ ٽي بي ۽ …
وزيراعظم پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران روانگي واپار جو گذريل سال جو هدف 3.8 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران روانگي واپار جي گذريل سال جو هدف 3.8 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ کي ساراهيندي ايندڙ سالن جي سالياني هدفن ۽ گهربل قدمن تي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اين آءِ ٽي بي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي اوري وزارت جي قدمن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ڊيجيٽائيزيشن سان معيشت جي ترقي ۽ ان کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار کي 30 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پورو ڊيجيٽل ايڪو سسٽم ۽ ان جو انفراسٽرڪچر متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اين آءِ ٽي بي جي بنيادي ڍانچي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ مارڪيٽ مان بهترين افرادي قوت جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن نوجوانن خاص طور تي عورتن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ روزگار جي حوالي سان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ سينٽرز قائم ڪرڻ جي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته اي – آفيس جي لاڳو سان سرڪاري آفيسن ۾ پيپر ليس گورننس جي ڪري وقت ۽ وسيلن ٻنهي جي بچت ٿي رهي آهي، ڊيجيٽل يوٿ حب سان هزارين نوجوان باعزت روزگار حاصل ڪري رهيا آهن، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر فراهم ڪري انهن کي عالمي سطح تي مقابلي جي صلاحيت سان ليس ڪري رهيا آهيون. اجلاس کي اين آءِ ٽي بي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 2025ع ۾ وزارت جي قدمن جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي واپار 19 سيڪڙو واڌويجهه سان 3.8 ارب ڊالر جو هدف عبور ڪيو جڏهن ته ملڪ ۾ فري لانسرز جي انگ ۾ 91 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل ايڪيوبيشن سينٽر تحت 386 نئين اسٽارٽ اپس کي مدد فراهم ڪئي وئي، 14 کي عالمي سطح تي موڪليو ويو جڏهن ته ملڪ جي 26 شهرن ۾ 40 اي – روزگار مرڪز قائم ڪيا ويا، 4 پاڪستاني ٽيمون بليڪ – هيٽ ايم اي اي ۾ دنيا جي 50 بهترين ٽيمن ۾ شمار ٿيون جڏهن ته 700 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جا معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتون ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي اٽڪل 3 لک 15 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ اٽڪل 1 لک 15 هزار عورتون به شامل آهن، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ۾ 130 عورتن جي سربراهي ۾ قائم اسٽارٽ – اپس کي معاونت فراهم ڪئي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ عورتن جي لاءِ خصوصي تربيتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2200 وفاقي سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تربيت ڏني وئي، اهڙي طرح اٽڪل 3 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائبر سيڪيورٽي ۾ تربيت ڏني وئي. گورننس جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي ويزن موجب ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪ ايپ جي ذريعي 6.2 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، وفاقي سرڪاري آفيسن ۾ 98 سيڪڙو اي – آفيس جو لاڳو ۽ 51 اهڙا نوان سسٽمز متعارف ڪرايا ويا جنهن سان گورننس جي بهتري ۾ مدد ملندي. ٽيلي ڪام سيڪٽر بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزارت جي قدمن جي ڪري گذريل سال 5 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فور جي تائين پهچ جي هدف کي عبور ڪيو ويو، گذريل مالي سال ۾ ٽيلي ڪام ڪنيڪشنز 20 ڪروڙ جي حد عبور ڪئي، 10 لک نئين انٽرنيٽ صارفين سان گڏوگڏ انٽرنيٽ جي استعمال ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي اين آءِ ٽي بي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اداري ۾ موجوده گهرجن سان هم آنگ نئين نظام جي جوڙجڪ تي ڪم تيزي سان جاري ۽ حتمي مرحلن ۾ آهي، هن وقت اين آءِ ٽي بي 179 کان وڌيڪ ويب سائيٽس، 31 کان وڌيڪ موبائيل ايپلي ڪيشنز، 113 کان وڌيڪ پورٽلز ۽ 57 ڪنسلٽنسي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، اين آءِ ٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۾ صارف جي تجربي کي بهترين، مستقبل جي تبديلين کي نظر۾ رکڻ، جديد انفراسٽرڪچر جي تعمير، گورننس ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري، سائبر سيڪيورٽي رسڪ مئنيجمينٽ، تحقيق، جدت ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. وزيراعظم سمورن قدمن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار کي ايندڙ سالن ۾ 30 ارب ڊالر تي پهچائڻ جي لاءِ ترتيبوار سالياني اضافي تي ٻڌل هدفن جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











