اسلام آباد - 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي وڌيڪ ٻن چارٽرڊ جهازن جي ذريعي 200 ٽن امدادي سامان غزه جي معصوم ۽ مظلوم شهرين جي لاءِ روانو ڪيو پيو وڃي، هيستائين امدادي سامان تي ٻڌل 18 جهاز غزه روانا ڪيا ويا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطين …
وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي وڌيڪ ٻن چارٽرڊ جهازن جي ذريعي 200 ٽن امدادي سامان غزه جي مظلوم شهرين لاءِ روانو ڪيو پيو وڃي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي وڌيڪ ٻن چارٽرڊ جهازن جي ذريعي 200 ٽن امدادي سامان غزه جي معصوم ۽ مظلوم شهرين جي لاءِ روانو ڪيو پيو وڃي، هيستائين امدادي سامان تي ٻڌل 18 جهاز غزه روانا ڪيا ويا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطين جي مظلوم شهرين جي ڀلائي جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، هر فورم تي مظلوم ۽ معصوم فلسطينين جو آواز اٿاريو پيو وڃي، فلسطيني شاگردن پاڪستان ۾ پنهنجي ميڊيڪل جي تعليم جاري رکي آهي، امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي اهتمام هيٺ امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر فورم تي مظلوم ۽ معصوم فلسطينين جو آواز بلند ڪيو، پاڪستان فلسطيني معصوم شهرين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن جي نه رڳو مذمت ڪري ٿو پر پنهنجي فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انساني همدرديءَ جي جذبي تحت مسلسل امدادي سامان غزه موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي هيستائين امدادي سامان تي ٻڌل 18 کيپ غزه روانو ڪيون ويون آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ذريعي ٻه چارٽرڊ جهاز 100، 100 ٽن امدادي سامان اردن پهچائيندا جتان اهو سامان اردن جي فلاحي اداري جي ذريعي زميني رستي غزه تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطين جي مظلوم شهرين جي ڀلائي جي لاءِ عملي قدم کنيا ويا، فلسطيني ميڊيڪل شاگردن پاڪستان ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي آهي جڏهن ته امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي. هن چيو ته غزه ۾ ڄاڻي واڻي غذائي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري شهري ۽ ٻار شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، اسان انهن جي ڏک کي سمجهون ٿا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان حڪومت امدادي سامان خاص طور تي کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون غزه جي شهرين جي لاءِ موڪليندي رهي آهي ۽ موڪليندي رهندي. اسان ان ڪاز سان مڪمل طور تي پرعزم آهيون، ان مشن ۾ جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن پڻ حصو ورتو، انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت غزه جي مظلوم ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، انشاءَ الله انهن ظلمن جو خاتمو ٿيندو. تقريب ۾ فلسطيني سفير سميت حڪومتي نمائندا ۽ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير سامان جي فوري روانگي کي يقيني بڻائڻ تي اين ڊي ايم اي ۽ ٻين فلاحي ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.











