اسلام آباد - 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پاران فلسطيني عوام سان اڻٿڪ وابستگي تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي منعقد هڪ تقريب ۾ غزه جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي 18هين کيپ رواني ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) لاڳاپيل حصيدارن …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ غزه جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي 18هين کيپ رواني ڪئي: پرڏيهي آفيس ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پاران فلسطيني عوام سان اڻٿڪ وابستگي تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي منعقد هڪ تقريب ۾ غزه جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي 18هين کيپ رواني ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) لاڳاپيل حصيدارن سان ويجهي رابطي تحت امدادي کيپ کي روانو ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. روانو ڪيل امدادي کيپ ۾ خشڪ راشن بيگ، کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون وغيره شامل آهن. تقريب ۾ پرڏيهي وزارت، اين ڊي ايم اي جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته 1815 ٽن اهم امدادي سامان تي ٻڌل امدادي کيپ جي روانگي سان غزه جي لاءِ پاڪستان پاران انساني همدرديءَ جي بنياد تي روانو ڪيل کيپ جو انگ 18 ٿي ويو آهي. غزه جي عوام جي مسلسل حمايت پاڪستان جي پرعزم يڪجهتي جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان حڪومت 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، قابل عمل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











