صدر پاران ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67 هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67 هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته 67 سال اڳ اڄ جي ڏينهن تي ميجر …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67 هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته 67 سال اڳ اڄ جي ڏينهن تي ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) دشمن خلاف بهادري سان وڙهندي پنهنجي جان مُلڪ لاءِ قربان ڪئي. صدر چيو ته پوري قوم ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان اڄ انهن عظيم سپُوتن جي قربانين جي ڪري محفوظ آهي. صدر چيو ته اسان پنهنجي عظيم هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. صدر چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي قرباني قوم لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي جيڪي هر محاذ تي دشمن جو بهادري سان مُقابلو ڪري رهيون آهن.