اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 67 سال اڳ ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) دشمن خلاف بهادري سان وڙهندي …
وزيراعظم پاران ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 67هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 67 سال اڳ ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) دشمن خلاف بهادري سان وڙهندي مادر وطن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. پوري قوم ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) جي قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي عظيم هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. قوم پنهنجن شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي جيڪا هر محاذ تي دشمن سان بهادري سان وڙهي رهي آهي.











