قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران شھيد ميجر طفيل محمد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد - 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شھيد ميجر طفيل محمد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ھن 1958ع ۾ مارد وطن جي دفاع لاءِ شھادت ماڻي ھمٿ ۽ بھادري جي لازوال تاريخ لکي. اھا ڳالھه ھن شھيد ميجر طفيل (نشان حيدر) جي 67 ھين ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو …

اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شھيد ميجر طفيل محمد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ھن 1958ع ۾ مارد وطن جي دفاع لاءِ شھادت ماڻي ھمٿ ۽ بھادري جي لازوال تاريخ لکي. اھا ڳالھه ھن شھيد ميجر طفيل (نشان حيدر) جي 67 ھين ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته شھيد ميجر طفيل محمد کي سندس 67 ھين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. قوم پنھنجي ان بھادر ھيرو کي سلام پيش ڪري ٿي، شھيد قوم جا محسن ۽ ھيرو آھن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته زنده قومون پنھنجي شھيدن ۽ ھيروز کي ھميشه ياد رکنديون آھن، شھيدن جي قربانين سبب اڄ اسان آزادي سان زندگي گذاري رھيا آھيون، سموري قوم کي پنھنجي بھار سپوتن تي ناز آھي.