علي خامنه اي علي لاريجاني کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو

تهران-08 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنه اي علي لاريجاني کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آيت الله علي خامنه اي هڪ فرمان جاري ڪندي علي لاريجاني کي اعليٰ قومي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان مقرري کانپوءِ لاريجاني کي ڪائونسل ۾ باقاعده ميمبرشپ ۽ ووٽ ڏيڻ جو اختيار حاصل ٿي …

تهران-08 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنه اي علي لاريجاني کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آيت الله علي خامنه اي هڪ فرمان جاري ڪندي علي لاريجاني کي اعليٰ قومي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان مقرري کانپوءِ لاريجاني کي ڪائونسل ۾ باقاعده ميمبرشپ ۽ ووٽ ڏيڻ جو اختيار حاصل ٿي ويو آهي، جيڪو کيس تهران جي اعليٰ سطح جي فيصله سازي جي نظام ۾ وڌيڪ مستحڪم مقام عطا ڪري ٿو. اها مقرري ايراني صدر مسعود پيزشڪيان طرفان علي لاريجاني کي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي آهي.

مزید خبریں