اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا به غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

تل ابيب-08 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان عزه تي …

تل ابيب-08 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان عزه تي قبضو نٿا چاهيون، اسان ان کي عرب فوج حوالي ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو اسان کي ڌمڪي ڏيڻ کانسواءِ ان تي صحيح طريقي سان حڪومت ڪندي ۽ غزه وارن کي بهتر زندگي ڏيندي. اسرائيل جي ملٽري چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير غزه تي قبضي خلاف خبردار ڪندي چيو ته هي يرغمالين کي خطري ۾ وجهندو ۽ اٽڪل ٻن سالن جي جنگ کانپوءِ فوج تي وڌيڪ دٻاءُ وجهندو. يرغمالين جا ڪيترائي خاندان به ان منصوبي جي مخالفت ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته کين اهو خدشو آهي ته وڌيڪ ڇڪتاڻ اسرائيلي يرغمالين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهن والاريل بيت المقدس ۾ سيڪيورٽي ڪابينا جي اجلاس ٻاهران احتجاج ڪيو.غزه ۾ فوجي ڪاررواين کي سگهه ڏيڻ سان بيشمار فلسطنين ۽ اٽڪل 20 اسرائيلي يرغمالين جون زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون ۽ اسرائيل کي عالمي سطح تي وڌيڪ اڪيلائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.