اسلام آباد – 07 - آگسٽ (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) توانائي، انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت، ماحوليات، انتظاميا ۽ عوامي خدمتن جي شعبن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪل 28 اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪل 28 اهم منصوبن جي منظوري ڏني وئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) توانائي، انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت، ماحوليات، انتظاميا ۽ عوامي خدمتن جي شعبن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪل 28 اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت، ماحوليات، انتظاميا ۽ عوامي خدمتن جي شعبن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪل 28 اهم منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ منظوري ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جامع ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ، ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد رکڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پلاننگ، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ ڪابينا ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽرين، اين ايڇ اي جي چيئرمين، لاڳاپيل صوبائي وزيرن، گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري ۽ مختلف وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.











