پاڪستان ريلويز ۽ بلوچستان حڪومت جو پيپلز ريل سروس شروع ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلويز ۽ بلوچستان حڪومت پاران پيپلز ريل سروس شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڪوئيٽه ۾ رٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلويز وچ ۾ پيپلز ريل سروس شروع ڪرڻ تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت هيءَ سروس سرياب کان ڪچلاڪ وچ ۾ هلائي ويندي. اجلاس جي صدارت بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪئي. ريلوي …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلويز ۽ بلوچستان حڪومت پاران پيپلز ريل سروس شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڪوئيٽه ۾ رٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلويز وچ ۾ پيپلز ريل سروس شروع ڪرڻ تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت هيءَ سروس سرياب کان ڪچلاڪ وچ ۾ هلائي ويندي. اجلاس جي صدارت بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪئي. ريلوي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته تجويز ڪيل روٽن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ منصوبي جي عملي قدمن جي شروعات جلد ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته مان ان منصوبي جي هر مرحلي تي ذاتي طور نگراني ڪندس ۽ ڪنهن به قسم جي دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته بلوچستان حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ان سروس لاءِ انجڻ ۽ بوگيون پرڏيهه مان گُهرائڻ بدران پاڪستان ريلويز کان خريد ڪيون وينديون. ان موقعي تي ريلويز واري وفاقي وزير حنيف عباسي خاطري ڪرائي ته 6 مهينن اندر انجڻ، بوگيون ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ريلويز موجوده انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جو عمل به جلد شروع ڪندي ته جيئن سروس جي معيار ۽ روانيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ريلوي واري وفاقي وزير ان منصوبي کي بلوچستان جي عوام لاءِ باعزت، سستي ۽ تيز رفتار سفري سهولت قرار ڏنو آهي. هن چيو ته هي سروس عوام لاءِ هڪ نئين سفري دؤر جي شروعات ثابت ٿيندي ۽ مقامي ماڻهن کي معياري سفري سهولتون ميسر اينديون.