اسلام آباد – 07 - آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رومانيا جي اڳوڻي صدر آئن ايليسڪو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران رومانيا جي قيادت، عوام ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته آئن ايليسڪو رومانيا جي جمهوري تاريخ ۾ اهم …
صدر پاران رومانيا جي اڳوڻي صدر آئن ايليسڪو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رومانيا جي اڳوڻي صدر آئن ايليسڪو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران رومانيا جي قيادت، عوام ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته آئن ايليسڪو رومانيا جي جمهوري تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم رومانيا جي عوام سان گڏ آهي.











