ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، آمريڪا سان واپاري معاهدي ۾ 19 سيڪڙو جو ٽيرف مليو آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان رٿابندي واري وزارت طرفان اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان جيڪي به ميمبرن جا سوال آهن، ناڻي واري وزارت بدران رٿابندي واري وزارت يا اٿارٽي کان ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ مرزا اختيار بيگ جي ڪرپٽو جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان رٿابندي واري وزارت طرفان اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان جيڪي به ميمبرن جا سوال آهن، ناڻي واري وزارت بدران رٿابندي واري وزارت يا اٿارٽي کان ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ مرزا اختيار بيگ جي ڪرپٽو جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ بلال اظهر ڪياني چيو ته ڪرپٽو بابت سوال ناڻي واري وزارت سان لاڳاپيل ناهن پر رٿابندي واري وزارت ان حوالي سان اٿارٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، منهنجي خيال ۾ سوال اٿارٽي کان ڪرڻ گهرجن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هن سوال کي هڪ مهينو اڳ اٿاريو ويو هو دير سان جواب اچڻ مناسب ناهي، ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي گهرجي ته پارليامينٽ جي تقدس کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل فورم کان وقت سر جواب طلب ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري ۽ پلاننگ واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته علي محمد خان جي معاشي نظام ۾ وياج جي خاتمي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ بلال اظهر چيو ته معاشي نظام ۾ وياج جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان تفصيلي بريفنگ ورتي ويندي. شاهده اختر علي جي اوورسيز جي لاڪرز ۽ بانڊز جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته 742 ارب روپين جا بانڊز هئا جيڪي ايف اي ٽي ايف جي جائزي جي مدت کان اڳ معطل ڪيا ويا هئا ۽ وقفي وقفي سان مدت ڏني وئي چيو ويو ته انهن کي نيشنل سيونگ يا ٻين متبادل بانڊز طرف منتقل ڪيو وڃي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ 9 ڀيرن تائين مهلت ڏني وئي هاڻي صرف 0.5 سيڪڙو باقي آهن جيڪي 3 ارب روپين جي برابر آهن جيڪي بار بار هدايتن ۽ آگاهي جي باوجود ماڻهو تبديل نه ڪرائي سگهيا. اهڙي طرح جي معطلي تي لاڳاپيل اداري کي آگاهه ڪرڻو هوندو آهي. سيد نويد قمر ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته پرائيز بانڊن ۾ ماڻهو انويسٽ ڪن ٿا ۽ سمورن ڪيسن ۾ مني لانڊرنگ مقصد ناهي هوندو، ان جي تصديق جو ڪو طريقيڪار هجڻ گهرجي. هن چيو ته 742 ارب روپين جي ڪل بانڊز مان صرف 3 ارب روپين جا بانڊز رهجي ويا آهن، آگاهي عيوض 99.5 سيڪڙو شرح ڪامياب رهي، وڌيڪ به ان ۾ درخواستن تي ڳالهه ڪئي ويندي. ان حوالي سان ڊاڪٽر نفيسه شاهه ڊجيٽلائيزيشن بابت سوال اٿاريو جنهن تي بلال اظهر ڪياني تجويز ڏني ته ان حوالي سان ايڊيشنل سوال اچي  ته ان کي بهتر طريقي سان بهتر جواب ڏنو ويندو. جڏهن ته مهرين رزاق ڀٽو جي ناڻي واڌ ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان قدمن جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت جي پاليسين سبب معاشي استحڪام آيو، پرائمري بيلنس به هاڪاري ٿيو ۽ پرڏيهي ريٽنگ ادارن فچ ۽ موڊيز ۽ ٻين هاڪاري اهڃاڻن جي نشاندهي ڪئي آهي، حڪومت ڪاروبار ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته خريد جي قوت تڏهن ئي وڌندي جڏهن مهانگائيءَ تي ضابطو ـ روزگار وڌندو، جنهن لاءِ هيٺئين طبقي جي خريد جي قوت وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪمزور طبقي جي هڪ ڪروڙ ڪٽنبن کي بي آءِ ايس پي تحت پهرين 460 ارب رپيا ڏنا پئي ويا جنهن کي گذريل سال وڌائي 592 ارب رپيا ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ ان کي 716 ارب  رپين تائين ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي، ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، صنعتي پاليسي ۽ ٽيرف ريفارمز تي به ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن سان گروٿ وڌندي. مرزا اختيار بيگ انڊسٽريل ٽيرف جي حوالي سان ضمني سوال اُٿاريو ته بجلي جي قيمتن کي ڪڏهن 8 ۽ 9 سيڪڙو تي آڻي رهيا آهيون جنهن تي بلال اظهر ڪياني جواب ڏنو ته انڊسٽريل ٽيرف ۾ بهتري آئي آهي، آمريڪا سان جيڪو واپاري معاهدو ٿيو آهي ان جي نتيجي ۾ 19 سيڪڙو جو ٽيرف مليو آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خط ۾ سڀ کان گهٽ ٽيرف آهي، ان سان يقينن اسان جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته آمريڪا اسان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ منزل آهي ان ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ سان اسان کي فائدو ٿيندو. بلال اظهر ڪياني چيو ته هتي ٽي سال پهرين سائفر لهرايا ويا هئا ان وقت اهو تصورنه پئي ڪيو ويو ته آمريڪا سان اسان جا ناتا بهتر ٿيندا ۽ آمريڪا طرفان ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ گهٽ ٽيرف ملندو، مخالف ڌر جي سمورين ڪوششن باوجود موجوده حڪومت ٽن سالن جي مُدت اندر آمريڪا سان ناتا بهتر ڪيا، ڀارت سان جنگ ۾ ڪاميابي ملي، وزيراعظم سفارتي ڪوششن جي اڳواڻي ڪئي، آمريڪا ۽ـ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌيو، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ٿي، آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽريءَ سان نائب وزيراعظم جي ملاقات ٿي ۽ ويجهڙ ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿيون، اهو معاهدو انهن سمورن مستحڪم سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ يقينن ان سان اسان جي معيشت کي فائدو پهچندو. بلال اظهر ڪياني چيو ته انرجي ٽيرف کي يقينن گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، گذريل سال جڏهن گنجائش هئي تڏهن آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ريڪوري ۾ بهتري آندي وئي، خساري کي به گهٽ ڪيو ويو، توانائي سيڪٽر ريفارمز پروگرام ذريعي ٽيرف جي گهٽتائيءَ ٽي ڪم جاري آهي، ڊسڪوز جي نجڪاري، اين ٽي ڊي سي جي نئين جوڙجڪ ۽ هول سيل اليڪٽرڪسٽي مارڪيٽ جي قيام تي به ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽيرف ريفارمرز سان گڏوگڏ واپاري معاهدن جو ڪردار ۽ صنعتي پاليسي جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ اسان جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ روانگي واپار وڌندو. پير فيصل شاهه جيلاني جي مهانگائي ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائيءَ جي شرح 23 سيڪڙو هئي، جيڪا 4.5 سيڪڙو تي آندي وئي آهي. هن چيو ته جڏهن اسان 4 ۽ 5 سيڪڙو شرح جي ڳالهه ڪريون ٿا ته قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو مجموعو هوندو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو تي آڻڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي پر ڏُکين حالتن باوجود اها شرح 4 سيڪڙو تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. هن چيو ته حڪومت هڪ مربوط پاليسيءَ تحت قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ڪمزور طبقن کي خريد جي قوت وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اهي ڪوششون جاري رکنداسين.