اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري چيو آهي ته ٻه لک زائرين روڊ ذريعي مقدس ماڳن جي زيارت لاءِ وڃڻا هئا انهن کي سبسڊائيزڊ اڏامن ذريعي اتي پهچايو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي شازيه مري زائرين جو معاملو اٿاريو ته پاڪستان مان وڏي انگ ۾ اربعين ۽ چاليهي جي ڏينهن ۾ ويندا آهن. حڪومت جي پابندي سبب 2 لک کان وڌيڪ …
ٻه لک زائرين کي سبسڊائيزڊ اڏامن ذريعي مقدس ماڳن تي پهچايو وڃي: شازيه مري

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري چيو آهي ته ٻه لک زائرين روڊ ذريعي مقدس ماڳن جي زيارت لاءِ وڃڻا هئا انهن کي سبسڊائيزڊ اڏامن ذريعي اتي پهچايو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي شازيه مري زائرين جو معاملو اٿاريو ته پاڪستان مان وڏي انگ ۾ اربعين ۽ چاليهي جي ڏينهن ۾ ويندا آهن. حڪومت جي پابندي سبب 2 لک کان وڌيڪ زائرين جيڪي روڊ ذريعي وڃن ٿا، اهي هوائي جهاز جو ذريعي خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، انهن لاءِ حڪومت ڪي انتظام ڪري ۽ سبسڊائيزڊ اڏامن جو بندوبست ڪري هي اهم مسئلو آهي.











